Sindhi Shagrid Tahreek - QAT

Sindhi Shagrid Tahreek - QAT

Share

Sindhi Shagird Tehreek is the student wing of (Qomi Awami Tehreek) (SST) is a Progressive, Patriotic, student-friendly, and revolutionary student organization!

This is the official MediaCell Page of Sindhi Shagird Tehreek (SST- QAT)

03/03/2026

پريس رليز!
سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز!

قومي عوامي تحريڪ جي سربراه ۽ مرڪزي صدر محترم اياز لطيف پليجو صاحب جي صدارت هيٺ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تنظيمي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم کي وڌيڪ فعال، منظم ۽ مؤثر بڻائڻ لاءِ ايندڙ 60 ڏينهن تائين سمورن ضلعن ۽ ذيلي محاذن جون موجوده باڊيون ٽوڙي عارضي طور آرگنائيزنگ ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن، جيڪي نئين سر تنظيم سازي، جائزي ۽ ڍانچي جي سڌاري جو ڪم سرانجام ڏينديون.

ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ذيلي محاذ سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) لاءِ پڻ نئين آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اعلان ڪيو ويو.

جنهن تحت:

آرگنائيزر: ثقلين عباس
سيڪريٽري: عامر کوسو
ميمبر: مهدي لغاري
ميمبر: پرڪاش ريٻاري
ذميوار: اشرف پليجو

اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آرگنائيزنگ ڪميٽيون مقرر مدي دوران تنظيم کي وڌيڪ مضبوط، فعال ۽ نظرياتي بنيادن تي منظم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون.

17/02/2026

پريس رليز:
سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز:

لاڙڪاڻو/رتوديرو جي رهواسي ۽ ضلعي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي صدر ڪامريڊ مهر علي ڀُٽو جي ڀاءُ، باسط علي ڀٽو ولد قمرالدين ڀٽو کي سندس ٽن دوستن سميت رتوديرو ۾ هڪ پروگرام دوران رتوديرو پوليس حراست ۾ ورتو ويو. ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين گذرڻ باوجود باسط علي ڀٽو کي باضابطه طور پيش يا ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب خاندان ۽ ساٿي شديد پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن.

سنڌي شاگرد تحريڪ ان صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي ياد ڏياري ٿي ته آئينِ پاڪستان هر شهري کي قانوني تحفظ، شفاف ڪارروائي ۽ عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حق ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به فرد خلاف ڪو الزام آهي ته ان کي مقرر قانوني طريقيڪار تحت ظاهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ خاندان کي اطلاع فراهم ڪيو وڃي. بيخبري ۽ بنا وضاحت حراست قانوني ۽ انساني حقن بابت سنجيده سوال پيدا ڪري ٿي.

سنڌي شاگرد تحريڪ آئي جي سنڌ، وزيراعلي سنڌ کان پرزور مطالبو ڪري ٿي ته: باسط علي ڀٽو ۽ ٻين ساٿين بابت سرڪاري طور تي فوري وضاحت جاري ڪئي وڃي. جيڪڏهن حراست ۾ آهن ته کين بنا دير عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي. خاندان سان ملاقات ۽ قانوني صلاحڪار تائين رسائي يقيني بڻائي وڃي. سڄي معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌي شاگرد تحريڪ پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. جيڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن اندر واضح ۽ تسلي بخش اڳڀرائي نه ٿي ته تنظيم پرامن احتجاجي لائحه عمل جو اعلان ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان آگاهه ڪيو ويندو.




16/02/2026

پريس پڌرائي:
ڄامشورو:

• بتاريخ اڄ سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) ضلعي، سنڌ يونيورسٽي جي نئي باڊي چونڊي ويئي:
---------------------------

• سنڌي شاگرد تحريڪ، جيڪا (قومي عوامي تحريڪ) جي نظرياتي شاگرد تنظيم آهي، ضلعي سنڌ يونيورسٽي لاءِ نئين باڊي چونڊ ڪئي وئي آهي. چونڊيل باڊي، تحريڪ جي آئين، قومي نظريي ۽ شاگردن جي حقيقي نمائندگيءَ جي اصولن تي عمل ڪندي چونڊ عمل ذريعي سامهون آئي آهي!

• نئين قيادت جي چونڊ جو مقصد سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس اندر شاگردن ۾ شعور، علم، تنظيم، ۽ جدوجهد جو نئون روح ڦوڪڻ آهي. سنڌي شاگرد تحريڪ جو هيءُ نئون ضلعي پينل، تحريڪ جي تاريخي ورثي ۽ قومي فڪر کي اڳتي وڌائيندي، شاگرد سياست کي مثبت رخ ڏئي، سنڌي شاگردن جي حقن لاءِ سرگرم رهندو.

• نئين باڊي چونڊجي آيل عهديدار جا نالا:

صدر: نعيم شر :
جنرل سيڪريٽري: رضوان لاشاري.
نائب صدر: اشفاق اشرف پليجو:
سئنير نائب صدر: نريش ڪمار:
جوائنٽ سيڪريٽري: چيتن لال رٻاري:
آفيس سيڪريٽري: سرفراز سومرو:
رابطا سيڪريٽري: خان محمد ٽالپور:
ڪلچر سيڪريٽري : سھيل احمد :
ڊپٽي جنرل سيڪريٽري: معظم ڀٽي:
فنانس سيڪريٽري: قاصر نواز ڏيٿو:
ميڊيا سيڪريٽري: ساجد رسول شر:

ميمبرن ۾:
ڪاشف چاچر، فراز خاصخيلي، بابر، جنيد لغاري، ارباب کوسو، صمد ڪپري ۽ ٻيا ٿيا ساٿي پڻ چونڊيا ويا:

• هي ضلعي باڊي، تحريڪ جي نظرياتي ۽ تحريڪي تسلسل کي برقرار رکندي، ايندڙ وقت ۾ شاگردن جي سياسي، علمي ۽ تنظيمي تربيت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي.

ترجمان:
ساجد رسول شر
(سنڌي شاگرد تحريڪ) ضلعو سنڌ يونيورسٽي






08/02/2026

شموليت نيوز
نوجوان شاگرد راڌڻ اسٽيشن جو رهواسي ساگر سيال کي قومي عوامي تحريڪ جي ذيلي ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا:

رابطا نمبر:
03000-292683



23/12/2025

سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز طرفان ايس ايس ٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ريحان پالاري جي وڏي ڀاءُ رستم پالاري جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿي. قاتل عامر پالاري کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اسان مقتول جي خاندان سان گڏ آهيون ۽ قاتل کي سزا ڏيڻ لاءِ قانوني عمل جي پوري پيروي ڪنداسين.

سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪز:





Photos from Sindhi Shagrid Tahreek - QAT's post 15/12/2025

نصيرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ محمد رمضان شيخ جي چاليهي جي مناسبت سان هڪ تعزيتي تقريب شاهه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت انعام الله ڪانڌڙو ڪئي. تقريب ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اي. ڪي. بروهي، اسد سنڌي، ڪامريڊ اڪبر شيخ، جاويد جمالي، حنيف تونيو، اعجاز علي شيخ، صوفي غفار چنه، رياض ڦلپوٽو، عبدالحفيظ شيخ، گلزار چنه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري خطاب ڪيو.

تقريب دوران اڳواڻن محمد رمضان شيخ جي قومي، سياسي ۽ تنظيمي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ بااصول قومي ڪارڪن، باشعور شاگرد اڳواڻ ۽ انتهائي نرم دل انسان هو. سندس سڄي زندگي وطن، قوم ۽ مظلوم طبقي جي حقن لاءِ وقف رهي. محمد رمضان شيخ جلسن، جلوسن ۽ احتجاجي ريلين ۾ هميشه اڳڀرو رهيو ۽ نوجوانن لاءِ عملي مثال بڻيو.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته محمد رمضان شيخ جو ڪردار نه رڳو نصيرآباد، پر پوري علائقي لاءِ فخر جوڳو هو. سندس جدوجهد خاص ڪري غريبن، هارين ۽ ماروئڙن جي حقن سان ڳنڍيل رهي. سندس اوچتو وڇوڙو سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ شاگرد سياست لاءِ هڪ ناقابلِ تلافي نقصان آهي، جيڪو گهڻي عرصي تائين محسوس ٿيندو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي اڳواڻن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته محمد رمضان شيخ جي فڪر، واٽ ۽ جدوجهد کي اڳتي وڌائيندا رهندا.





Photos from Sindhi Shagrid Tahreek - QAT's post 07/12/2025

سنڌي شاگرد تحريڪ(QAT) ضلعي سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان ايس ايس ٽي سنڌ يونيورسٽي جي بهادر صدر ڪامريڊ عامر سنڌي جي نانءُ مچ ڪچهري المنظر ڄامشورو تي ڪوٺائي ويئي.






Photos from Sindhi Shagrid Tahreek - QAT's post 05/12/2025

سنڌي شاگرد تحريڪ قيو اي ٽي ضلعہ قمبر شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي ضلعي آرگنائيزر سر علي گوھر جتوئي جي صدارت ۾ ٿي
جنھن ۾ تعلقه نصيرآباد ايس ايس ٽي جي باڊي جوڙي وئي جنھن ۾ ھيٺيان عهديدار چونڊيا ويا
01 صدر
انعام الله ڪانڌڙو
02 نائب صدر
مزمل تنيو
03 جنرل سيڪريٽري
مھراڻ تنيو
04 پريس سيڪريٽري
محمد حنيف تنيو
05 آفيس سيڪريٽري
مجيب الرحمٰن کوسو
06 فنانس سيڪريٽري
حسين تنيو
07 رابطه سيڪريٽري
غلام مرتضٰي شيخ
۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايس ايس ٽي جي جاکوڙي ڪردار محمد رمضان شيخ جي چاليهي جو پروگرام ايس ايس ٽي 2025-12-14 تي شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ شام جو 3 وڳي ڪيو ويندو.

پريس سيڪريٽري ايس ايس ٽي
محمد حنيف تنيو




Want your business to be the top-listed Government Service in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Hyderabad