GSTA Larkano
The Leader of Gsta Larkana G.M ABRO
استاد اتحاد زنده آباد
گسٽا زنده آباد
ڀائو جي ايم ابڙو زنده آباد.
اڄ تاريخ 2022_09_15 تي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي بھادر ؛ ھڏ ڏوکي ۽ استاد دوست اڳواڻ ڀائو جي ايم ابڙو جي استادن جي حقن جي حاصلات جو سفر ڀرپور نموني جاري آھي جنهنجي جي سچائيءَ جو ثبوت اھو آھي تہ اڄ بہ ڀائو جي ايم ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ استادن جا ٽائيم اسڪيل؛ جي پي فنڊ ايڊوانس (NRA) رٽائرمينٽ جا آرڊر ۽ بدلين جا پروپوزل ڪرائي استادن جي حوالي ڪيا ويا جنهن تي استادن پاران خوشيءَ جو اظھار ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي اسين گسٽا تعلقي لاڙڪاڻي جي طرفان ڀائو جي ايم ابڙي جو شڪريو ادا ڪيون ٿا.
اسان ضلعي لاڙڪاڻي جا استاد خوشنصيب آھيون جو اھڙو جوڌو جوان اسان جو سالار آھي
اسان ضلعي لاڙڪاڻي جا استاد پنهنجي بھادر اڳواڻ جا تھ دل سان شڪر گذار آھيون...
سمورن ٽائيم اسڪيل ماڻيندڙ استاد صاحبان کي گسٽا تعلقي لاڙڪاڻي جي طرفان مبارڪون پيش ڪيون ٿا...
پاران : گسٽا تعلقو لاڙڪاڻو
استاد اتحاد زنده آباد.
گسٽا زنده آباد.
گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو بھادر جنگجو صدر ڀائو جي ايم ابڙو زنده آباد.
گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڀائو جي ايم ابڙي جي صدارت ھيٺ ھڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن سڀني گسٽا تعلقي اڳواڻن کان تازو ٿيل برساتن جي اسڪولن ۾ ٿيل تباھڪارين جي ڄاڻ ورتي . ان موقعي تي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سڀني تعلقن جي اڳواڻن کي حڪم ڏنو تہ پنهنجي اسڪولن جي مالڪي پاڻ ڪيو ۽ نا اھل انتظاميہ تي نہ ڀاڙيو اھي عظيم درسگاھون اسان جون آھن ۽ اسان کي ئي انهن درسگاھن جي مالڪي ڪرڻي آھي.
انھي سلسلي ۾ گسٽا تعلقي لاڙڪاڻي جي سمورن اسڪولن جي يونٽن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽريءَ کي ھدايت ٿي ڪجي تہ ھو پنهنجون ذاتي ڪوششون وٺي پنهنجي اسڪولن ۾ بيٺل برسات جو پاڻي پاڻ ڪڍرائي پنهنجي درسگاھن جي پاڻ حفاظت ڪيو تہ جيئن سنڌي قوم جي معمارن جي تعليم سٺي طرح ھلي سگھي.
پاران نظر محمد مغيري گسٽا اڳواڻ تعلقو لاڙڪاڻو.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Larkana
5571
