سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اهم اجلاس سيد زين شاھ جي صدارت ۾ جاري اهم فيصلا ڪيا ويا ٿوري دير ۾ پريس ڪانفرنس ڪري آگاھ ڪيو ويندو
Sindh United Party District N.Feroze
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh United Party District N.Feroze, Political Party, Naushahro Firoz.
مورو سانحي جي ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ٿيل ايس يو پي اڳواڻ صمد ڀٽي ۽ سندس ڀاء اڪرم ڀٽي ھڪ سال بعد آزاد ٿي ويا، جيل ٻاھرين جذباتي منظر ۽ نعريبازي
سيد زين شاھ جو 5 سال اڳ بحريا ٽائون ڌرڻي کي ڪيل خطاب
06/06/2026
فخرِ سنڌ: سيد زين شاهه
سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ ۾ ڪجهه لمحا اهڙا هوندا آهن، جيڪي صرف واقعا نه پر مزاحمت، حوصلي ۽ قربانيءَ جي علامت بڻجي ويندا آهن. 6 جون جو ڏينهن به اهڙو ئي هڪ تاريخي ڏينهن هو، جڏهن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون آڏو هڪ پرامن ڌرڻو منظم ڪيو ويو. پر سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جا سهولتڪار ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين ان پرامن احتجاج کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ قومي اڳواڻن، بيگناهه ڪارڪنن، عورتن ۽ معصوم ٻارن تائين کي گرفتار ڪيو ويو.
ظلم جي حد اها هئي جو هڪ ئي واقعي جا ڪيترائي ڪيس هزارين ماڻهن تي داخل ڪيا ويا. ان کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي چڙهايون ڪيون ويون، سوين قومي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. انهن گرفتار ٿيلن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت ڪيترائي قومي اڳواڻ شامل هئا.
ان وقت سنڌ تي خوف ۽ ڏهڪاءَ جي فضا مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. رهزنن سمجهيو ته شايد گرفتاريون، ڪوڙا ڪيس ۽ جبر قومي جدوجهد جو رستو روڪي سگهندا. پر اهڙي نازڪ گهڙيءَ ۾ سيد زين شاهه هڪ اهڙو فيصلو ڪيو، جنهن ڪارڪنن جي دلين ۾ نئون حوصلو ۽ جرئت پيدا ڪري ڇڏي.
سيد زين شاهه ضمانت ڪرائڻ بدران رضاڪارانه گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن هو عدالت پهتو ته سرڪاري وڪيل بار بار کيس ضمانت ڪرائڻ جي صلاح ڏيندو رهيو، پر سيد جا لفظ تاريخ جو حصو بڻجي ويا:
"مون کي ضمانت نه گهرجي، هاڻي اوهان ثابت ڪريو ته اسان دهشتگرد آهيون."
هي صرف هڪ جملو نه هو، پر ظلم جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو اعلان هو. اهو سچ جي طاقت تي يقين جو اظهار هو. سيد جي انهيءَ جرئتمند فيصلي کان پوءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ٿيندڙ چڙهاين جو سلسلو گهٽجڻ لڳو ۽ قومي ڪارڪنن ۾ نئون حوصلو جاڳي پيو.
تاريخ شاهد آهي ته ظلم عارضي هوندو آهي، پر حق ۽ سچ هميشه زنده رهندا آهن. استاد بخاري جي هنن سٽن وانگر:
سچ جي پڳ، سج جيان لهڻي نه آ،
روشني مرڻي نه آ، مرڻي نه آ.
ڌنڌ، ڪوهيڙي ۽ جهڙ جي سلطنت،
روشنيءَ جي راڄ تي رهڻي نه آ.
سنڌ جي سرزمين تي سچ، مزاحمت ۽ قومي شعور جي هيءَ جنگ جاري رهندي، ڇاڪاڻتہ فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي.
ايس يو پي اڳواڻ محمد اسلم ڪوريجو جي وال تان ورتل پنج سال اڳ لکيل تحرير
06/06/2026
وڻ ٻوٽا لڳايو انھن جي سار سنڀال ڪريو گرمي پد گھٽايو ڌرتي ۽ ماحوليات بچايو سنڌ سنواريو
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
67370
