24/07/2024
سنڌي مزدور تحريڪ جو سنڌ ليبر ڪوڊ بابت موقف
Sindhi mazdoor tahreek is the brother mahaz of awami tahreek
24/07/2024
سنڌي مزدور تحريڪ جو سنڌ ليبر ڪوڊ بابت موقف
18/07/2024
Sindhi Madoor Tahreek
"سنڌ ليبر ڪوڊ" مزدورن جي قانوني شناخت ۽ بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ لاء ھڪ ھٿيار آھي ـ
مزدور دشمن ليبر ڪوڊ کي مسترد ڪيون ٿا ـ ٺيڪيداري نظام ڪنھن بــ صورت قبول ناھي۔سنڌي مزدور تحريڪ جو وفد امر مگسي ۽ ممتاز لغاري جي اڳواڻي ۾ مزدورن لاء نئين ليبر ڪوڊ تي ھڪ مشاورتي ڪانفرنس ۾ "سنڌ ليبر ڪوڊ" مزدورن جي قانوني شناخت ۽ بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ لاء ھڪ ھٿيار آھي ـ
مزدور دشمن ليبر ڪوڊ کي مسترد ڪيون ٿا ـ ٺيڪيداري نظام ڪنھن بــ صورت قبول ناھي۔سنڌي مزدور تحريڪ جو وفد امر مگسي ۽ ممتاز لغاري جي اڳواڻي ۾ مزدورن لاء نئين ليبر ڪوڊ تي ھڪ مشاورتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي .شرڪت ڪئي .
13/07/2024
سنڌي مزدور تحريڪ جدوجھد جي ميدان ۾
ڪارونجھر کي ڪپڻ ۽ سنڌو درياء کي قيد ڪرڻ لاء نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سوشل ميڊيا تي مُھم ھلائڻ سان گڏ سياسي سماجي ڌريون سول سوسائٽي ادبي سنگت ٻين فورمن ۽ عوام طرفان ڀرپور احتجاج ٿيڻ کپي!
لال جروار صاحب
مر ڪزي صدر عوامي تحريڪ
20/06/2024
سمنڊ جي ڪناري تي ڇھ هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي الاٽ ڪرڻ خلاف متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي : عوامي تحريڪ
25/05/2024
جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون
نون سرن ۾ زندگيء جا گيت ڳائيندا اچون
بهار نيٺ مرڪندو ۽ حسن گيت ڳائيندو
اچو ته آسمان کي زمين تي لاهيندا اچون.
ھلو ھلو 7 جون 2024 تي ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ، سنڌ جي يگاني ڪردارا، چوٽي جي مقرر، اديب، دانشور، نقاد، قانوندان، سياستدان، پورھيتن جي رھنما محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ڇهين ورسي ۾ جنگشاھي ھلو.
جتي سموري سنڌ پنھنجي عظيم قائد کي ڀيٽا پيش ڪندي..
عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو صدر اقبال جروار ، سنڌي مزدور تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪٽري زبير نوناري ، ايڊوڪيٽ رستم ميراڻي سنتوش ڪمار ڀيل ، عوامي تحريڪ يونٽ رزاق آباد جو صدر پريم ساگر،
جنرل سيڪريٽري ڄام ساگر، خزانچي سندر ڪمار ڀيل قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ڇهين ورسي جي دعوتن جي سلسلي ۾ رزاق آباد ۾ سرگرميون جاري
19/05/2024
سنڌي مزدور تحريڪ ضلع ملير جو اجلاس ضلع سيڪريٽري جبار پليجو جي صدارت ۾ ٿيو ، خصوصي شرڪت زبير نوناري مرڪزي جنرل سيڪريٽريSMT ڪئي اجلاس ۾ ستار گوپانگ ، منور لغاري، مدد رند ،عارب چانگ ،اسلم پليجو ۽رضوان رند شريڪ ھئا . اجلاس ۾ قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ڇھين ورسي ۾ شرڪت لاء شاھ لطيف ۽ چوڪنڊي مان ھڪ بس جي رٿابندي ڪئي وئي
12/05/2024
سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون صاحب جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو , خصوصي شرڪت عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مير پرويز ڪئي ، اجلاس ۾ حاجي خان سمون، زبير نوناري، اشرف رند، سرور سنڌي، لطيف ڀٽي, اعظم مريدا ڻي، محمد علي خاصخيلي اجلاس ۾ 12 مئي جي شھيدن محمد نواز ڪنراڻي، غزاله بتول ۽ٻيين سمورن کي ڀيٽا پيش ڪئي ئي ۽ فيصلو ڪيو ته سنڌي مزدور تحريڪ پليجي صاحب جي ورسي ۾ سنڌي سڀني ضلعن مان ڀرپور شرڪت ڪندي
12/05/2024
وطن دوست انقلا بي راھ روشن ڪندڙ رسالي ماھوار ڪاپڙي ۾ يوم مئي جي حوالي سان موجودھ دور۾ پورھتن جي مسئلن ۽ حڪومت جي ناڪام پاليسين تي اختر بلوچ جو ھڪ فڪري مضمون
11/05/2024
ٽنڊو جان محمد نيوز
سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ۽ عوامي تحريڪ جي کاھوڙِي ڪردار فڪر رسول بخش پليجي جي سچي سپاھي سائين سائينداد خاصخيلي جي ڇوٿين ورسي اڄ 11 مئي تي صبح 10 بجي خواجه سڌاہ توراہ قبرستان تي سندس آخري آرامگاهه تي جھنڊو چاڙھي سرخ سلام پيش ڪيو ويو ۽ گل نڇاور ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ماما اشرف رند ، سنڌي مزدور ضلع ميرپورخاص جي صدر طالب جروار ، عوامي تحرڪ ضلع ميرپورخاص جي صدر اميربخش جروار ، سنڌي ھاري تحريڪ ضلع ميرپورخاص جي صدر نورمحمد خاصخيلي ، عوامي تحريڪ تعلقي ڊگھڙي جي صدر خيرمحمد چانڊيو ، ضلع اڳواڻ تڳجي مل ، سڄاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سائينداد خاصخيلي جي فرزند سرمد خاصخيلي ، محمد علي خاصخيلي ، رشيد خاصخيلي ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي