AIATP Goth Muhalla Sudhar

AIATP Goth Muhalla Sudhar

Share

Welcome to the official page of AIATP GoMohalla Sudhar.

Asgharia Ilm-o-Amal Tehreek-e-Pakistan was established on April 30, 2016 in Sakrand City, Sindh, Pakistan.

01/11/2022

نامياتي زراعت ORGANIC AGRICULTURE
زراعت جو مطلب ڇا آهي؟
نامياتي زراعت ماحول کي خراب اثرن کي گهٽائڻ، غير قابل تجديد Non-renewable مواد جي استعمال کان بچڻ، جتي ممڪن هجي اتي Recycling ڪجي، گهٽ ۾ گهٽ دوائن جو استعمال، آلودگي جو سبب بڻجن وارن موادن جي استعمال کان بچڻ، فصلن جو ڦير ڦار ڪرڻ، فصلن جو باقيات وسيلن ۽ جانورن جي وٽاڻ جو استعمال، نقصانده ڪيڙن ۽ جيوڙن جو حياتياتي ڪنٽرول ڪرڻ، هَر ۽ گُڏ جو گهٽ ۾ گهٽ استعمال ته جيئن زمين جي پيداواري صلاحيت برقرار رهي ۽ توانائي جي استعمال کي پڻ گهٽائي سگهجي، زمين وڌيڪ زرخيز رهي.
نامياتي طريقي سان زمين جي صحت بهتر ٿئي ٿي، فائديمند ڪِيڙن جهڙوڪ سَانپا Early worms، مَنگس ۽ ٻيا مٽيء جا جيوڙا بهتر واڌ ويجهه ڪن ٿا.نامياتي زراعت زمين جي زرخيزي کي ضايع ۽ خراب ٿيڻ کان بچائي ٿي.
زمين جي زرخيزي بهتر ٿئي ٿي ۽ پاڻي کي دير تائين باقي رکڻ جي صلاحيت Water holding capacity پڻ بهتر ٿئي ٿي.
نامياتي زراعت ۾ (Inputs) گهٽ استعمال ٿين ٿا، جهڙوڪ هَر، ڀاڻ ۽ دوائون وغيره، نامياتي زراعت ذريعي حاصل ڪيل پيداوار کي ماحولياتي ۽ سماجي ۽ صحت خدشن سبب مارڪيٽ ۾ بهتر قيمت (Premium Price ) ملي ٿي. گهڻو ڪري نامياتي زراعت مقامي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري زميندار کي ڪا خاص ڏکيائي يا مشڪل پيش ناهي ايندي.
نامياتي زراعت جا ماحول تي اثر
1- زمين جي حياتياتي سرگرمي جي بهتري.
2- زمين جي physical خاصيتن جي بهتري.
3- نائٽريٽ جي ضايع ٿيڻ (leaching) کي گهٽائڻ.
4- جهنگلي جيوت کي وڌائڻ.
نامياتي زراعت جا مقصد
1- زرعي خرچ گهٽائڻ.
2- مزدورن جو گهٽ استعمال ۽ گهٽ محنت.
3- وڌيڪ پيداوار.
4- بهتر ڪوالٽي.
5- صحتمند پيداوار زراعت.
6- نائٽريٽ جي ڪري آلودگي کي روڪڻ.
نامياتي زراعت شروع ۾ روايتي فصلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ پيداوار ڏئي ٿي پر نامياتي زراعت ۾ روايتي زراعت جي مقابلي ۾ (Inputs) گهٽ استعمال ڪيا ويا آهن ان ڪري پيداوار ۾ گهٽائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. البته آهستي آهستي جيئن نامياتي طريقا وڌنڌا رهندا، زمين جي صحت بهتر ٿيندي ، زميني جيوت (worms) جي سرگرمي بهتر ٿيندي تيئن پيداوار ۾ پڻ بهتري ايندي ۽ ايستائين جو روايتي طريقن کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي. هن وقت پاڪستان توانائي جي شديد بحران ۽ ڪيميائي ڀاڻن جي بلند ترين قيمتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، خام مال جهڙوڪ راڪ فاسفيٽ (Rock Phosphate) تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ سياسي مسئلن ۽ تبديلي سبب ڪيميائي ڀاڻن جون قيمتون تمام گهڻو مٿي هليون ويون آهن ۽ عام زميندار جي قوت خريد کان ٻاهر آهي. ۽ اها صورتحال مستقل خراب ٿي رهي آهي تنهنڪري اها وقت جي ضرورت آهي ته نامياتي زراعت کي وقت ِسر اپنائجي ته جيئن گهڻي خرچ، بهتر ڪوالٽي، ماحول دوست ۽ گهڻي پيداوار حاصل ڪري ملڪ ۽ دنيا جي وڌندڙ آبادي جي خوراڪ جي ضرورت جو پوراءُ ڪجي.

شعبه ڳوٺ محله سڌار
اصغريه علم و عمل تحريڪ پاڪستان

15/05/2022
Photos from AIATP Goth Muhalla Sudhar's post 25/04/2022

صحت آگاھی سیمینار
ضلع نوابشاہ

اصغریہ علم و عمل تحریک پاکستان ضلع نوابشاہ کی جانب سے سٹی ایجوکیشنل سنٹر دولتپور میں صحت آگاھی سیمینار بعنوان روزے کے انسانی صحت پر اثرات منعقد ہوگذرا
جس سے مرکزی جنرل سکریٹری برادر ماجد حسین نے خطاب کیا
جس میں شہر کے کثیر تعداد میں لوگوں نے شرکت کی



Want your business to be the top-listed Government Service in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address


Hyderabad