02/06/2026
آئیے سندھی سیکھیں
(اسلام آباد مرکز)
سندھی لینگویج اتھارٹی اور علامہ اقبال اوپن یونیورسٹی کے اشتراک سے اسلام آباد میں سندھی زبان کورس میں مفت داخلہ کے لیے رجسٹریشن کی تاریخ میں 10 جون 2026ع تک توسیع کی گئی ہے.
رجسٹريشن کے لیے لنک:
https://sl.sindhila.org/forms/detail/Sindhi-Sikhiya-Course
26/05/2026
> *قرباني جي عيد جون لک لک واڌايون! ✨**
> شل الله تعاليٰ اوهان کي هميشه خوش رکي، شل اوهان کي ڪوئي به ڪوسو واء نه لڳي. شل سدائين پنهنجي ڪٽنب سان گڏ خوش، سلامت ۽ سرھا هجو!
آمين
22/05/2026
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي سکيا مرڪزن ۾ داخلا شروع ڪئي وئي آهي.
(1) سنڌي ٻوليءَ جو ٽه ماهي بنيادي ڪورس فقط انهن فردن لاءِ آهي، جن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي.
(2) هڪ مھيني وارو ڪورس سنڌي پڙهائيندڙ استادن لاء آهي.
رجسٽريشن لاءِ هن لنڪ ذريعي فارم ڀري سگھجي ٿو.
https://sl.sindhila.org/forms/detail/Sindhi-Sikhiya-Course
21/05/2026
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران شايع ڪرايل ڪتابن جو تعارف
ڪتاب:
سنڌ جي جهنگلي جيوت
ليکڪ:
بدر ابڙو
قيمت:
360 رپيا
صفحا:
170
سنڌ ۾ جهنگلي جيوت يعني جانور ۽ پکين بابت تمام گهٽ ڪتاب لکيل آهن، ان ڳالهه کي مدنظر رکندي اٿارٽي پاران جانور ۽ پکين سان لاڳاپيل ڪتابن کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، خاص ڪري سنڌ سان لاڳاپيل جانور ۽ پکي جي ڄاڻ بابت. هي ڪتاب محترم بدر ابڙي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ جهنگلي جيوت جو ڪُل 280 قسم (جنسون) شامل آهن. جيڪا هڪ ننڍڙي ۽ بهترين ڪوشش آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين ۽ جانورن بابت ڄاڻ ڏجي. هن ڪتاب ۾ جانورن ۽ پکين جا مقامي سنڌي نالا، انگريزي ۽ سائنسي نالن سان گڏ ڏنا ويا آهن، هي ڪتاب چار رنگون ڇپيل آهي، ان ۾ جانورن جون تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن جيئن پڙهندڙن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي.ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ ڇپيو هو، جڏهن ته هي ٻيو ڇاپو 2017ع جو ڇپيل آهي.
هي رنگين ڇپيل ڪتاب 170 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 360 رپيا رکيل آهي، اٿارٽي جي قليچ ڪتاب گهر تان رعايتي قيمت سان ملي سگهي ٿو.