03/06/2026
حيدر آباد
جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس رهبر ڪميٽي سربراه جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت هيٺ حيدرآباد سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ٿي گذريو
اجلاس جسقم شهيد بشير خان چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي
غفارميرجت ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي. آصف بالادي پنهل ساريو مجيب ڀيلار راهول چولياڻي سليم حاجاڻو قادر بخش زئور حيدر چولياڻي شڪت ڪئي
اجلاس ۾
سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو
27/05/2026
حيدرآباد ۾ عيد جي ڀلاري ڏينهن تي سنڌ سڀا جي طرفان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ء انعام سنڌي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڪيمپ تي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان جبري گمشدگيون جاري آهن ۽ تازو سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام سنڌي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪا انساني حقن جي لتاڙ آهي،
26/05/2026
گھوٽڪي ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري مير محمد مھر مرڪزي ماليات سيڪريٽري مصري خان مھر مرڪزي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر نياز احمد مھر جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي گھوٽڪي جي چيف آرگنائيزر صابت گبول ، ڪلوڙ ھائوس پھچي جسقم بشير خان جي وائيس چيئرمين فقير رمضان ڪلوڙ کي ھار پارائي آزادي جون مبارڪون ڏنيو
25/05/2026
جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سنڌ جي بهادر ۽ بيباڪ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ٻئين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت ۽ قومي سلام پيش ڪيو وڃي ٿو. شهيد نصرالله گڏاڻي صحافت جي شعبي ۾ حق، سچ ۽ عوامي مسئلن کي بيباڪي سان سامهون آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن پنهنجي قلم ذريعي ظلم، ناانصافين ۽ عوام جي حقن جي آواز کي بلند ڪيو.
اڄ سندس ٻئين ورسي جي موقعي تي اسين سندس قرباني کي ياد ڪندي اهو عزم ورجايون ٿا ته حق، سچ ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. شهيد نصرالله گڏاڻي جي شهادت صحافت جي آزادي ۽ سچ جي واٽ ۾ ڏنل وڏي قرباني آهي، جنهن کي هميشه احترام سان ياد رکيو ويندو.
جيئي سنڌ تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ۽ صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا دٻاءُ کي ختم ڪيو وڃي.
پاران: جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز
22/05/2026
سن: شھيد مظفر ڀٽو جي ڏنل قربانين تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: انور بڙدي
جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ انور بڙدي شھزاد سنڌي سن پھچي شھيد مظفر ڀٽو جي 14 ھين ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي انور بڙدي ۽ ٻين چيو شھيد مظفر ڀٽو ھڪ بھادر ماڻھو ھيو ۽ شھيد مظفر کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو شھيد مظفر ڀٽو جي سنڌ لاءِ ڏنل قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا،
21/05/2026
ٽنڊو ڄام ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ ٽنڊو ڄام پھچي جساف جسقم جي اڳواڻ وفا ڪاشف ڀٽو ۽ پرويز سولنگي سان ملاقات ڪري ڪچھري ڪئي
21/05/2026
حيدرآباد ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ حيدرآباد سيشن ڪورٽ پھچي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي چيف آرگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري ، ايڊوڪيٽ شاھد لطيف سومرو ، ايڊوڪيٽ مسعود ٻگھيو ، ايڊوڪيٽ ظھير ڏاھري سان ۾ ملاقات ڪري قومي ڪچھري ڪئي،
Muhib Azad
21/05/2026
حيدرآباد ، نارا جيل ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ نارا جيل پھچي جسقم آريسر ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي شھيد الطاف جسڪاڻي جو ڀاء اسد جسڪاڻي سان ملاقات ڪئي Jeay Sindh Tehreek JST