Workers Resistance Movement پورهيت مزاحمت تحريڪ

Workers Resistance Movement  پورهيت مزاحمت تحريڪ

Share

Workers Resistance Movement is a Leftist Progressive political organisation based in Sindh, Pakistan.

Workers` Resistance Movement is a progressive left wing organization in Sindh which believes in national liberation and socialism .It aims to bring together working masses of Sindh to lead national liberation and build socialism in Indus Region .

01/06/2026

ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جو پگهار 60 سيڪڙو وڌايو وڃي
پگهارن تي لڳايل ناجائز واڌو ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.

01/06/2026

عوام دشمن هر دستور نامنظور نامنظور
ايندڙ بجيٽ ۾ روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيتن
جي مزدوري مھانگائي مطابق 60 هزار ڪيو.

30/05/2026

سنڌ ڌرتي جو تشخص واضح آهي. هتي هزارين سالن کان مختلف مذهبن، عقيدن ۾ مڃيندڙ ماڻهو، توڙي ماديت پسند دين کي نہ مڃيندڙ ماڻهو گڏ عزت ۽ احترام سان رهيا آهن. ڀٽائي جو رسالو ان شناخت جو وڏو ثبوت آهي، جتي ”اول الله عليم“ جي ذڪر کان وٺي انهن گورک ناٿين کي بہ ڳايل آهي، جن لاءِ لطيف چوي ٿو: ”نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نہ نمائن“ يا ”هو جي ڪين قبولڻ هار، هلو تہ تڪيا پسون تن جا“. اهڙي ڌرتي تي ڪا بہ اهڙي غنڊاگردي، دهشتگردي ۽ ملاگردي قبول نہ ڪئي ويندي، جتي ڪو ملو ماڻهن جي گهرن تي چڙهائي ڪري اهو طئي ڪري تہ ڪير مسلمان آهي يا ڪير ڪافر آهي. ان ڪري سنڌي عوام کي خوف مان نڪري، انتهاپسندي جي ان لهر جو سخت مقابلو ڪرڻ گهرجي.
مسرور شاهہ

26/05/2026

پورهيو محنت ڪائناتي عمل آهي جيڪو ڪڏهن نہ مرندو آهي
پورھيت صابر علي نونداڻي جي محنت ۽
ثابت قدمي کي سرخ سلام

Photos from ‎Workers Resistance Movement  پورهيت مزاحمت تحريڪ‎'s post 24/05/2026

بلڙي شاھ ڪريم
پورھيت مزاحمت تحريڪ ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران شھيد بلاول اسٽيڊي سرڪل ڪيوويو۔تفصيل موجب پورھيت مزاحمت تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمدخان پاران بلڙي شاھ ڪريم ويجھو نائون ميل اسٽاپ لڳ ڳوٺ رجب سٺيو م اسٽيڊي سرڪل ڪامريڊ دوست علي لغاري ڪامريڊ دوست علي لغاري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو ۔جنھن م مختلف علائقن ء ڳوٺن کان آيل ساٿين شرڪت ڪئي ۔جڏھن ته ڪامريڊ ابراھيم سٺيواسٽيڊي سرڪل م حصو وٺندڙ آيل مھمان کي ڀليڪارچئي سندن ٿورا مڃيا۔ ھن اسٽيڊي سرڪل جو عنوان ھو "سياست" سياست جي موضوع تي سرڪل م ويٺل ساٿين پنھنجا پنھنجا ويچارونڊيا۔ آخر م اسٽيڊي سرڪل جي صدارت ڪندڙ ڪامريڊ دوست علي لغاري چيوته ھن اسٽيڊي سرڪل ڪرائڻ جو مقصد آھي ته ڳوٺن جي نوجوانن م سياسي شعور پيدا ڪرڻ آھي ته جيئن ھتان جا نوجوان شعوري تعليم حاصل ڪري پنھنجي پنھنجي علائقي جي مسئلن ء پنھنجي بنيادي حقن لاء جدوجھد ڪري سگھن۔ ان موقعي ته اسٽيڊي سرڪل م نيشنل ٽريڊيونين فيڊريشن ء ھاري يونين جي اڳواڻ ڪامريڊ لال بخش لالڻ سٺيو'ڪامريڊ ابراھيم سٺيو'ڪامريڊ محرم سٺيو'ڪامريڊ علي اصغر پسيو'ڪامريڊ قطب الدين پسيو 'ڪامريڊ شھزاد سٺيو'ڪامريڊ قادر ھڱورجو'ڪامريڊ ڪاشف سٺيو'ساجن رندزمان رندگلشير سٺيو' سليمان سٺيو فيض گل سٺيو' فياض سٺيو چاچا انور مھيسر 'چاچا حسن خان کوسو ء ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔

Photos from ‎Workers Resistance Movement  پورهيت مزاحمت تحريڪ‎'s post 24/05/2026

ڪنڊيارو ;
علي حسن زرداريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڪنڊيارو بلڊر مافيا پاران ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ ساگر پارٽي، يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪنڊيارو پاران احتجاجي ريلي ڪڍي اسٽار چؤڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو!

Want your business to be the top-listed Government Service in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Hyderabad