وَتُعِزُّ مَن تَشَاءُ وَتُذِلُّ مَنْ تَشَاءُ
Posted as Station House officer
PS kandiaro district nausheroferoze sindh
Inspector Asad-ul-nabi Khichi
Government Official | Sharing Updates |
منشيات ۽ ڏوهن خلاف بي خوف ڪارروائين تي ٺاروشاھ ايس ايڇ او اسد نبي کچي کي شهرين جي ڀرپور حمايت، سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزامن ۽ بداخلاقي جي سخت مذمت، ايس ايس پي کان ذميوارن خلاف فوري قانوني ڪارروائي جو مطالبو۔
ٺاروشاھ: منشيات ۽ ڏوهن خلاف ڪارروائين سبب ايس ايڇ او اسد نبي کچي کي علائقي جي پڙهيل لکيل ۽ باشعور شهرين جي ڀرپور حمايت حاصل، عوام پاران سندس فرض شناسي، جرئت ۽ ايمانداري کي ساراهيو ويو آهي۔
شهرين جو چوڻ آهي ته اسد النبي کچي بي خوف انداز ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف قدم کڻي علائقي مان برائين جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن سان امن امان جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي۔
ٻئي پاسي، ڪجهه ماڻهن طرفان سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزامن ۽ غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ تي شهرين سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙيون حرڪتون نه رڳو هڪ ايماندار آفيسر جي ساک کي نقصان پهچائين ٿيون پر لاڳاپيل اداري جي وقار تي به اثرانداز ٿين ٿيون۔
شهرين ايس ايس پي نوشھروفيروز مير روحل خان کوسو کان مطالبو ڪيو آهي ته غير ذميوار ۽ بداخلاقي ڪندڙ عنصرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن ايماندار آفيسرن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ مستقبل ۾ اهڙين حرڪتن جي روڪٿام ٿي سگهي۔
واضح ڪيو ويو ته حق ۽ انصاف لاءِ ڪم ڪندڙ آفيسرن سان گڏ بيهڻ جاري رکيو ويندو، جڏهن ته ڪوڙن الزامن ۽ منفي مهم کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔
— in Tharu Shah.
while posted at PS Surjani town west zone karachi sindh
Grateful for the warm moments shared with Secretary (BBSYDP) Munwar Ali Mithani, a true gentleman and family friend.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Larkana
