24/04/2026
ڊاڪٽر افضل سولنگي طرفان سياسي، سماجي اڳواڻ شهناز شيخ سميت ستن نامعلوم فردن تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاء ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي . (ساڻس گڏ هڪ سئنير ڊاڪٽر صاحب نالو نه ٿا لکون هيو ) جيڪو هڪ (سوشل ورڪر وڪيل صاحب) جي چيمبر ۾ موجود هيا . ادي شائستہ بلوچ ڪوشش ڪئي پر سياست جي ور چڙهيل ڪجه فردن ائين ٿيڻ نه ڏنو انهن مان هڪ کي ايم ايس سول اسپتال ۽ ٻئي کي ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ٿيڻو آهي....
15/04/2026
سپاف جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر جھانگير ايوب مغيري کي ايف سي پي ايس پارٽ ون پاس ڪرڻ تي لک لک مبارڪون ھجن ❤️
13/04/2026
جيئي سنڌ ♥️
جيئي شاگرد جدوجهد ✌🏻
ميرپورخاص جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميدا لغاري جي انصاف لاءِ يونيورسٽي ۾ احتجاجي ريلي ٿي گزري
شاگرد تنظيمن، سول سوسائٽي، حقن جي تنظيمن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ۾ ميرپورخاص جي طبي شاگردياڻي فهميدا لغاري جي پُر اسرار موت خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وءي. ريلي جو مقصد استادن ۽ ڪاليج انتظاميا پاران ڪيل خوفناڪ ۽ هراس ۽ دهشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪيو ويو.
مطالبا؛
1) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PM&DC) پاران نوٽيس وٺڻ تي زور ڀرڻ.
·2) سڀني يونيورسٽين ۾ انسداد هراس سيلز کي فعال ڪرائڻ ۽ متاثرين لاءِ تحفظ فراهم ڪيو وڄي.؛
پاران؛ آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي چمڪ.
09/04/2026
سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن ء شاگردياڻين کي اهو ذهن نشين ڪرڻ کپي ته شاگردن جي سڀني مسئلن معاملن جو حل فقط شاگرد سياست ئي آهي جيسين سنڌ جو شاگرد سياسي شاگردن جو ٻانهن ٻيلي ٿي نٿو بيهي تيسين اهڙيون حسين جوانيون کسجنديون رهنديون.
09/04/2026
سنڌ جي تعليمي ادارن م سياسي ماڻھن جا رکيل وھشي وائيس چانسلر، رجسٽرار، پرنسپل ء پروفيسر آھن جنھن شاگردن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي والدين پنھنجي اولاد کي تعليم ڏيڻ م پنھنجي زندگي داع تي لڳائي ڇڏن ٿا اولاد کي ڪامياب ڏسڻ لاء افسوس اسان جو تعليمي نظام مٽيء جا مڻ آھي شاگردن ء شاگردياڻن کي مختلف روپ م ھيراس ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي اسين مطالبو ڪيون ٿا جلد شفاف جاچ ڪري نياڻي جي قتل م ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي!
07/04/2026
Some glimpses of cultural day 2k25 🚩🚩
Organized by psf unit CMC smbbmu lrk
04/04/2026
تو ہراساں نہ ہوا ظلم کے ایوانوں سے
تو نے جنگ لڑی وقت کے فرعونوں سے
تیری جرأت، تیری عظمت، تیری غیرت کو سلام
اے قائد عوام، اے قائد عوام
31/03/2026
علم سان وابستگي رکندڙ ڪو به فرد ڪڏهن به اها خواهش نه رکندو ته علمي درسگاهون بند رهن، پر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج (CMC) جي انتظاميه اڃا تائين ان مونجهاري ۾ آهي ته يونيورسٽي کولڻ گهرجي يا نه؟ جڏهن ته Higher Education Commission (HEC) جي تازي نوٽيفڪيشن موجب، پهرين اپريل 2026 کان سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا ۽ باقاعده طريقي سان فيزيڪل ڪلاسز (Physical Classes) جو آغاز ڪيو ويندو. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جتي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين کي کولڻ جا نوٽيس جاري ٿي چڪا آهن، اتي چانڊڪا جي انتظاميه، جنهن ۾ وي سي، رجسٽرار ۽ پرنسپال شامل آهن، اهي اڃا تائين "سوچڻ" جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ آن لائن ڪلاس دوران وي سي صاحبه شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته "آن لائن سسٽم بهتر آهي ۽ اسان ان کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا." حيرت آهي ته ايڏي وڏي اداري جي سربراهه کي اها خبر ناهي ته آن لائن تعليم جي سهولت صرف انهن چند شاگردن کي ميسر آهي جيڪي وڏن شهرن ۾ رهن ٿا، جڏهن ته شاگردن جي اڪثريت پسمانده علائقن سان تعلق رکي ٿي، جتي انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ جي برابر آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهي شاگرد تعليمي عمل ۾ ڪيئن حصو وٺي سگهندا؟
اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته سڄي ملڪ جي حالتن سبب آن لائن سسٽم آندو ويو هو، پر هاڻي جڏهن ايڇ اي سي (HEC) جو واضح حڪمنامو اچي ويو آهي، تڏهن به انتظاميه جي اهڙي سوچ افسوسناڪ آهي. شاگردن کي چڱي ريت خبر آهي ته انتظاميه يونيورسٽي بند ڪري فنڊز ۽ بجيٽ هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.
اسان شاگرد هن غير سنجيده ۽ نااهل انتظاميه جي عمل کي سخت لفظن ۾ رد ڪريون ٿا ۽ ان تي لعنت وجهون ٿا. اسان انتظاميه کي سخت چتاءُ ڏيون ٿا ته اداري کي مقرر تاريخ تي کوليو وڃي، ٻي صورت ۾ شاگرد چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته هن انتظاميه کي پنهنجي حقن آڏو ڪيئن جهڪائڻو آهي.
07/03/2026
چاندڪا جو ناهل پرنسپال شاهد سومرو جنهن کي اها خبر ناهي ته اسٽوڊنٽس تي لڳل غير قانوني اي سي پينلٽيز جو ڪيس هائي ڪورٽ ۾ هلي پيو ۽ اڃا ان جو فيصلو ناهي آيو. وري شاگردن تي ڏينهون ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه ليٽر ڪڍي پيو، صرف ان بنياد تي ته شاگرد ڪورٽ ۾ ڇو ويا؟
اسان شاگرد ناهل پرنسپال کي ٻڌايون ٿا ته هر انسان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي حق لاءِ وڙهي سگهي ٿو ۽ آواز اٿاري سگهي ٿو، ۽ اهو حق ڪير ڪنهن کان کسي نٿو سگهي. ڪورٽ اڃا فيصلو ناهي ڏنو ته ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته توهان پنهنجا ناهل فيصلا ڪڍو ۽ شاگردن کي تنگ ڪريو.
توهان تي افسوس آهي پرنسپل سيٽ تي آھيو پر چئو ٿا منھنجي ھٿ م ڪجھ ناھين رجسٽرار جو حڪم آ رڳو رجسٽرار جو حڪم مڃڻ لاء ويٺو آھين ته برائي مهرباني ڪري استيفا ڏي پرنسپل سيٽ تان ٻي صورت م شاگرد ڄاڻن ٿا توھان کي ڪيئن زليل ڪري ان سيٽ تان ھٽائجي!
05/03/2026
اسان جي ڪاليج انتظاميه هڪ عجيب غريب "AC فنڊ" جو ڊرامو رچايو آهي. انهن شاگردن تي 50000 هزار رپين جا "AC لڳائڻ جا ڏنڊ" مڙهيا ويا آهن، جن ڪڏهن ان ڪمري ۾ پير به ناهي رکيو! هاڻي ان ناجائز پئسي جي اوڳاڙيءَ لاءِ انتظاميه شاگردن جا امتحانن جا نتيجا (Results) روڪي ويهي رهي آهي.
هيءَ رڳو هڪ انتظامي غلطي ناهي، پر کليل لٽ مار آهي
هڪ طرف بي گناهه شاگرد جيڪي پنهنجي پيٽ کي پٿر ٻڌي، ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهن پر تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
ٻئي طرف انتظاميه جون عياشيون اهي چاهين ٿا ته شاگردن کان زبردستي پئسا اوڳاڙي پنهنجا کيسا ڀرين ۽ عياشيون ڪن.
اسان جي محنت ۽ مستقبل کي اهڙي بي بنياد ڏنڊ لاءِ يرغمال بنائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ ڪنهن غريب شاگرد جي نتيجي کي روڪڻ جو مطلب آهي کيس ذهني طور تباهه ڪرڻ.
اسان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان هي ناجائز بار نه کڻنداسين! اسان هڪ رپيو به اهڙو نه ڏينداسين جيڪو اسان تي فرض ئي ناهي. انتظاميه پنهنجيون نااهليون اسان جي کاتي ۾ نه وجهي.
20/01/2026
الوداعي محفل موسیقی پروگرام Batch 49
صدر: ڊاڪٽر اسدما نظير پنهو
اور ان کے ساتھی
- آغا امین جان
پیر عبدالباقی
- قدیر الیاس
- ظہور احمد
- ولید پارس
- سمیع اللہ سرکی
- بلال احمد آرائین
- طفیل علی لاشاری
سعد اللہ ڈھائی
یہ الوداعي محفل موسیقی و بینر پروگرام Batch 49 کے فارغ التحصیل ہونے والے طلباء کے اعزاز میں منعقد کیا جا رہا ہے۔
اس پروگرام کو سندھ کے مشہور ترین سنگر سہراب فقیر اپنے فن سی رونق افروز کریگا ۔
Batch 49 کی الوداعي محفل میں
ہم آئے ہیں دل کی آواز لے کر
شاباش ہے تم کو کہ تم نے
ہمت اور جوش سے کام لے کر
زندگی کی راہوں میں قدم قدم پر
اپنا سفر جاری رکھا ہے"
پاران: سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فڊريشن (SMBBMU